سنڌ لاءِ 76 سالن ۾ ڪوبه خوشي جو ڏينهن ناهي آيو: رياض چانڊيو

سکر : جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي رياض چانڊيو چيو ته جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي پليٽ فارم تان سکر ۾ احتجاج ڪيو ويندو، هي احتجاج حڪمرانن جي خلاف آهي هن چيو ته 40 سالن کان طورخم بارڊر کوليو ويو آهي، افغانستان هاڻي مستحڪم آهي، اسان جي ڪنهن سان نفرت ناهي پر هاڻي افغاني پنهنجي وطن واپس وڃن هن چيو ته هاڻي سنڌ جي شھرن ۾ افغانستان جو جهنڊو ڦڙڪي پيو، جنهن تي حڪمران خاموش آهن جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين چيو ته اسان جي مال ۽ ملڪيت اسان مٿان خرڇ ڪونه پيو ٿئي، مهانگائي غريبن کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي، اربين روپيه کائڻ وارا گهر ويٺل آهن، بجلي هلائيندڙ غريب عذاب ڀوڪي رهيا آهن، امن و امان تي اربين روپيه خرڇ ڪيا پيا وڃن پر ڌاڙيل ختم ناهن ٿيا معصوم نياڻيون به غريب محفوظ بڻيل آهن هن چيو ته پٺاڻ موٽروي انٽر چينج بند ڪيو پيو وڃي، انهن لاءِ ڪوبه قانون ناهي هن وڌيڪ چيو ته افضل لنڊ جهڙي معصوم کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار ناهن ٿي سگهيا. سکر ۾ جان محمد مهر جهڙا بيباڪ صحافي سرعام قتل ٿي رهيا آهن، قاتلن کي سليماني چادر پاتل آهي جو گرفتار ناهن ٿيا آدم ڳڻپ ۾ سنڌ جا انگ اکر ڪٽي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، گهرو وزير جو ڊوميسائيل پنجاب جو آهي ڇو سنڌ ۾ ماڻھو ناهي، وفاق فيڊريشن آهي پر سنڌ ھزارين سال پراڻي آهي هنن لاءِ اليڪشن ۽ اسان لاءِ سنڌ اهم آهي هن چيو ته شھيد جان محمد مهر کي ٽارگيٽ ڪلنگ تحت قتل ڪيو ويو آهي، گذريل پ پ حڪومت قاتلن جي سهولتڪار بڻيل هئي ۽ هاڻي وري نگران حڪومت شھيد جان محمد اسان جو سرمايو هيو. ڪافي ڀيرا آپريشن ٿيا آهن ڪاسميٽڪ سرجري واري آپريشن نه هجڻ گهرجي. ڪچي جي آپريشن تي کربين روپيه خرچ ڪيا ويا پر نتيجو ناهي مليو سڄي سنڌ ۾ بدليون ۽ مقرريون بغير پئسن جي ڪيون ويون آهن، هي ڪرپٽ نظام به پاڻ ٿا ٺاهن ۽ ختم به پاڻ پيا ڪن، هي ملڪ سنڌين جي ڪري بحران جو شڪار ناهي ٿيو. هن ملڪ تي قابض حڪمران ئي اصل بحرانن جو سبب آهن. سنڌ لاءِ 76 سالن ۾ ڪوبه خوشي جو ڏينهن ناهي آيو. ڪراچي اسان جي ڌرتي آهي انجي حفاظت اسان پاڻ ڪنداسين سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ 17 سيپٽمبر تي ايوب گيٽ کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويندي.