ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي پيپلزپارٽي قيادت جي ڇتي تنقيد ڪئي آهي راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنيف عباسي چيو پيپلزپارٽي وارا چوندا آهن ڀٽو جيئرو آهي، ڀٽو جيئرو ناهي مري چڪو آهي، پ پ وٽ ان نعري کانسواءِ ڪجهه ناهي هن چيو ته اسان ملڪ لاءِ موٽر ويز ڏنا، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، بيروزگاري ۽ دهشتگردي ختم ڪئي سين سندس چوڻ هو ته پ پ جي ڪارڪردگي سدائين ٻڙي رهي آهي، پ پ وارا ڀٽو جيئرو آهي جي نعري کانسواءِ ڪڏهن ڪارڪردگي ناهن ٻڌائي سگهيا.