تاريخ 2023 – 09 – 15 وقت اٽڪل ھڪ بجه ڌاري رسالدار شھر مان ھڪ ٻارڙو اقرار ولد اقبال ميڻڪ عمر اٽڪل 7/8 سال جو گم ٿي ويو مالڪن کان وٺي اڪثر ماڻھن کي اغوا ٿيڻ جو انديشو ۽ شڪ ھو ليڪن اسان کي ڪالھ اتان جي ٻارن کان اھا خبر ملي ته اھو ٻار اغوا نه پر شاھي شاخ ۾ وھجندي ٻڏي ويو ھو منجهند کان وٺي ٽوٻا گھرائي شاخ ۾ لاٿا ويا لاش جي ڳولھا جاري ھئي مٿان کان شاخ جا دروازه بند ڪرايا ويا پاڻي گھٽ ٿي ته ھن وقت تاريخ 2023 -09- 17 وقت 30- 1بجه ڌارين شاھي شاخ 27 ميل جي دروازن وٽان لاش مليو ننڍڙي جي والد اقبال ميڻڪ لاش جي سڃاڻپ ڪندي ظاھر ڪيو ته اھو لاش منھنجي پٽ اقرار ميڻڪ جو آھي جنهن جو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا ھئا علائقي م سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي