اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مٿان حملي خلاف تحريڪ انصاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي اڄ سموري پنجاب جي وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جا مطالبا پورا ٿيڻ تائين سموري ملڪ ۾ احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته اڄ جمعي جي نماز کان پوءِ سموري ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو. جڏهن ته عمران خان جا مطالبا پورا نه ٿيا ته سموري ملڪ ۾ احتجاج جاري رهندو هوڏانهن پنجاب بار جي وڪيلن کي عدالتن ۾ پيش نه ٿيڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. پنجاب بار جي وائيس چيئرمين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ٿيندڙ حملي جي مذمت ڪريون ٿا. حملو انصاف ڏيندڙ ادارن جي ناڪامي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملتان، بلوچستان صوبي، خيبرپختونخواهه جيان پنجاب ۾ به وڪيل هڙتال ڪندا
