ڪنڌرا شھرين جو واپڊا جي ناجازين ۽ بجلي جي غيرقانوني لوڊشيڊنگ ۽ ايس ڊي او ۽ لائين مين خلاف احتجاج

ڪنڌرا شھرين ۽ دوڪاندارن اڳوڻو مکي نامون مل ۽وائيس چيئرمين ڀٽو مل جي اڳواڻي ۾سيپڪو جي ايس ڊي او ۽ لائين مين خلاف پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي ھنن جو چوڻ ھو ته غير قانوني لوڊ شيڊنگ ۽ غير قانوني ڪيس داخل ڪري بي گناه اسان کي تنگ ڪيو وڃي ٿو ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ايس ڊي او ۽ لائين مين کي ھٽايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو