9 مھينا اڳ غوثپور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان اسد شيخ ۽ مير خان شيخ جي وارثن ڏي جکراڻي برادري جي سردار عاشق خان جکراڻي جي اڳواڻي ۾ مقتول جي وارثن وٽ پھچي ٺاھ جي اپيل ڪئي مقتولن جي وارثن آيل منٿ ميڙ قافلي کي مان ڏيندي ڪجه ڏينهن جي مھلت ورتي ۽ چيو ته اسان پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري توهان کي ٻڌائينداسين واضع رھي ته 9 مھينا اڳ ان وقت جي ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي پاران جڙتو مقابلو ڄاڻائي اسد ۽ ميرخان شيخ کي مئن انڊس ھا۽ وي تي مبينه پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو ھو۔ عدالت ۾ مقتولن جي وارثن پاران پوليس جي ڪوڙي مقابلي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي هئي جنهن کانپوء ڪيس داخل ڪيو ويو ھو ۔ عدالت پاران ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي سميت 4 ڄڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا۔