ڪنڌڪوٽ:شهر اندر چاٻي چورن ۽ ڌاڙيلن شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري

ڪنڌڪوٽ:شهر اندر چاٻي چورن ۽ ڌاڙيلن شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو پوليس اهلڪارن جي گشت ھئڻ جي باوجود چاٻي چور، ڌاڙيل چوري ۽ سينا زوري جو راڄ برقرار آهي اسٽيڊيم گرائونڊ ۾ واڪ لاءِ آيل شهري نصرالله لاشاري جي موٽر سائيڪل 2013 ماڊل چور با آساني سان ڪاھي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب شهري ڌاڙيلن ۽ چاٻي چورن جي رحم ڪرم تي جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهريان ڌاڙيل هٿيارن سان ليس شهر اندر داخل ٿي ڪري دوڪان جا تالا ٽوڙي هزارين روپيا نقدي ٻيو سامان چوري ڪري با آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس ننڊ ۾ ستل ۽ ايس ايس پي روحل کوسو رڳو فوٽو سيشن ۽ سردارن، وڏيرن جي بنگلن جي حاضري ڀرڻ تائين محدود ڏسڻ ۾ اچي پيو شهرين جو جان ۽ مال غير محفوظ شهرين پاران فوري طور تي وزير اعليٰ سنڌ ۽ آئي جي سنڌ کان ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي اندر بدامني جو نوٽيس وٺي ڪري امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي