نيو سعيدآباد ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ تان ضلعي انتظاميا ۽ پي ٽي آئي جي ماڻھن ۾ ڇڪتاڻ، منھن ماري جنهن بعد سڄي ضلعي جي پوليس طلب ڪئي وئي، پوليس 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو،
اهڙي اطلاع تي پي ٽي آئي جا مرڪزي اڳواڻ مخدوم فضل حسين. مخدوم محسن سوين ماڻهن سميت پھچي ويا. پي ٽي آئي اڳواڻن جي پھچڻ تي جھيڙي واري صورتحال پيدا ٿي وئي جنھن بعد رينجرز طلب ڪئي وئي جنھن جھيڙي تي ڪنٽرول ڪيو. بعد ۾ پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻن مخدوم فضل حسين. مخدوم محسن. مخدوم عمار حيدر سندن حمايتين سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته ھاڻوڪين برساتن بعد مٽياري انتظاميا عارضي طور تي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اسان جي زرعي زمينن جي شاخ ذريعي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اجازت ورتي هئي ھڪ مھينو گذرڻ بعد جڏهن اسان جا ماڻھو زمين تي ڪم ڪرڻ ويا ته انتظاميا ماڻھن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ اسان جي پھچڻ تي پوليس اٽالن اسان جي رستا روڪ ڪري اسان جا اٺ ماڻھو گرفتار ڪري لائسنس وارا هٿيار به کڻي ويا آهن
ھنن چيو ته اسان کي ڊيڄارڻ ۽ ھيسائڻ لاءِ سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنھن ۾ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جو ھٿ آھي. ھنن چيو ته ضلعي انتظاميه پڻ ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي ساٿاري بڻجي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي. ھنن ضلعي انتظاميا کي چتاءُ ڏنو ته ٻن ڪلاڪن جي اندر گرفتار ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.
