رائونتي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ رينجرس جا جوان ايس ايس پي گھوٽڪي منير احمد کهڙو سان گڏجي رائونتي جي بچا بند تي پهچي

رائونتي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ رينجرس جا جوان ايس ايس پي گھوٽڪي منير احمد کهڙو سان گڏجي رائونتي جي بچا بند تي پهچي ايس ايس پي گھوٽڪي منير احمد کهڙو رينجرس جي ليفٽيننٽ ڪرنل محمد عاطف خان کي بريفنگ ڏني انهي موقعي تي ايس ايس پي گھوٽڪي بچا بند جي پوليس چوڪين جي اهلڪارن کي سخت چيڪنگ جو حڪم ڏنو جڏهن ته چوڪين جي صفائي سٿرائي جا حڪم ڏنا هوڏانهن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد عاطف خان هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته ڏوهارين جي خاتم تائين رينجرس ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن جاري رهندو ڪچي کي ڏوهارين کان پاڪ ڪري ڇڏينداسون جڏهن ته جي چرپر تي مڪمل نظر رکڻ لاءِ گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي کي سيل ڪيو ويو آهي ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي سخت چيڪنگ شروع ڪئي آهي هڪ سوال جي جواب هنن چيو ته ڏوهاري ڪٿي به فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا ته پوءِ به ڪارروائي کان بچي نه ٿا سگهن ڏوهارين کي گهرجي ته پاڻ سلينڊر ڪن ٻئي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي