ڏوهارين پاران ڪجھ ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل مغوي ظهير خالدي جي تشدد واري وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي ياد رهي ته ظهير احمد خالطي ڪشمور سبزي منڊي ۾ ڪم ڪندڙ هو ڪجھ ڏينهن اڳ بخشاپور واري علائقي مان اغوا ٿي ويو هو اڄ ڏوهارين پاران ظهير احمد خالطي جي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي ويڊيو ڏسي سگهجي ٿو ته ڏوهاري ظهير مٿان ڪليشنڪوف رکي ان مٿان بي رحماڻي تشدد ڪري رهيا آهن ظهير پنهجي وارثن کي چئي رهيو آهي ته ايس ايس پي جي آسري م رھو ڌاڙيلن کي ڀنگ ڏئي مونکي آزاد ڪرايو ظهير احمد خالطي جا وارث چئي رهيا آهن ته هو يتيم ٻار آهي جيڪو منڊي ۾ ڪمائي گهر جو گذر سفر ڪندو هو اسان ڀنگ جا پئسا ڪٿان کان آڻيون وارثن ايس ايس پي ڪشمور کي ايپل ڪيو آهي مغوي ظهير خالطي کي بازياب ڪرايو وڃي گذريل ڏينهن آڊيو ڪال زريعي فون ڪئي وئي ھئي