فرحت شهزادي خلاف ڪرپشن جاچ ۾ وڏو انڪشاف

تحريڪ انصاف چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بي بي وي ويجهي دوست فرحت شهزادي ۽ سندس مڙس احسن جميل جگر جي نالي ڪروڙين رپين جي زمينن جو انڪشاف ٿيو آهي اينٽي ڪرپشن فرحت شهزادي جي ملڪيتن جا وڌيڪ تفصيل حاصل ڪري ورتا، جنهن ۾ فرحت شهزادي ۽ سندس مڙس احسن جميل گجر جي نالي ڪروڙين رپين جي زمينن جو انڪشاف ٿيو، ايراضي جو رڪارڊ مقرري ۽ بدلي جي انڪوائري ۾ حاصل ڪيو ويو اينٽي ڪرپشن جو چوڻ آهي ته فرحت شهزادي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زمينون خريد ڪيون، بهاولپور ۾ سندس نالي تي اٺ پلاٽ نڪتا اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب گوجرانوالا ۾ احسن جميل گجر ۽ فرحت شهزادي جي نالي تي ڇهه پلاٽ سامهون آيا، ملڪيتون ڪرپشن مان حاصل ڪيل پئسن سان ٺاهيون ويون.