باجوڙ: پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي ميمبر انور زيب خان جي هٿيار کڻي راڻا ثناءُالله کي سرعام ڌمڪيون ڏيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
گذريل ڏينهن وزيرآباد ۾ عمران خان مٿان ٿيندڙ قاتلاڻي حملي کان پوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ويو ۽ روڊ بلاڪ ڪيا ويا
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر طرفان عمران خان جو بيان ٻڌائيندي چيو ويو هو ته عمران خان شهباز شريف، راڻا ثناءُالله ۽ هڪ سينئر فوجي آفيسر جو نالو ورتو آهي جنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين
هاڻ خيبرپختونخواهه جو وزير انور زيب خان پاران هٿيار کڻي گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي سرعام ڌمڪيون ڏيڻ جي وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هو عوامي ميڙ ۾ وفاقي گهرو وزير کي مخاطب ٿي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته انور زيب چئي رهيو آهي ته اسان هٿياربند ٿي اسلام آباد طرف اچي رهيا آهيون. راڻا ثناءُالله ٻڌي وٺ بندوقون ۽ هٿيار کڻي اوهان طرف اچي رهيا آهيون ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊا پور جي آڊيو به سامهون آئي هئي جنهن ۾ هو هڪ شخص کان هٿيارن جي حوالي سان پڇاڳاڇا ڪري رهيو آهي.
