شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ عدالتي حڪم باوجود 12 سالن کان پيپر بوڪ نه ٺهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سوال ڪيو ته ڪيس جو پيپر بوڪ ٺاهڻ جو ڪڏهن حڪم ڏنو ويو هو پراسيڪيوشن جي وڪيل چيو ته عدالت 2011ع ۾ اپيلن جا ڪاغذ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته 2011ع جي حڪم تي اڃا عمل نه ٿيو آهي عدالت پاران ٽن ڏينهن اندر ڪيس جو پيپر بوڪ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته سخت حڪم جاري ڪنداسين عدالت اپيلن جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا 2010ع ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي پوليس پاران ستر ڪلفٽن واري علائقي ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو هو ياد رهي ته ساڳئي عدالت مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي به ڪيس مان بري ڪيو هو.