پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي اڄ به انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ رپيو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 2 پئسا سستو ٿي 293 رپيا 88 پئسن تي بند ٿيو آهي هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر هڪ رپيو مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 297 رپين جو ٿي ويو آهي.