پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي

پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول هائوس لاهور ۾ ٿيو هو، جنهن جي صدارت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي هئي پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ ايندڙ عام چونڊن ۽ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي هئي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي هئي ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي قيادت کي چونڊن جي تيارين جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي ذريعن موجب، پ پ سينٽرل ڏکڻ پنجاب ۾ ڪنونشن ذريعي چونڊ مهم جي شروعات ڪندي جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.