88

لاهور: عمران خان مٿان حملي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، جوابدار جي نشاندهي تي 2 ڄڻا گرفتار

لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان مٿان قاتلاڻي حملي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته گرفتار جوابدار نويد جي نشاندهي تي وڌيڪ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن وقاص ۽ ساجد بٽ جوابدار نويد کي پستول ڏنو هو ذريعن موجب جوابدارن وقاص ۽ ساجد بٽ کي وزيرآباد مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن 20 هزار روپين جي عيوض نويد کي پستول ۽ گوليون وڪيو ڪيون
پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته جنهن پستول سان عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو اهو بنا نمبر ۽ لائسنس جي هو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيرآباد ۾ عمران خان تي ٿيندڙ قاتلاڻي حملي ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سميت 13 ڄڻا زخمي جڏهن ته هڪ ڄڻو مارجي ويو هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو