ڪنڌرا لڳ ڳوٺ جمال خان جاگيراڻي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ پر اسرار نموني فوت ٿي ويل فھميدا جاگيراڻي جي والد ۽ ڀاء پريس ڪلب ايوان صحافت ڪنڌرا پھچي ڪري

ڪنڌرا لڳ ڳوٺ جمال خان جاگيراڻي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ پر اسرار نموني فوت ٿي ويل فھميدا جاگيراڻي جي والد ۽ ڀاء پريس ڪلب ايوان صحافت ڪنڌرا پھچي ڪري احتجاج ڪيو آهي ته منھجي ڀيڻ فھميدا جاگيراڻي کي ساھرن پاران تشدد ڪري ماريو ويو آهي جنهن جو ڇوڪري پاڻ به ڪنڌرا پوليس ۽ تعلقا اسپتال روھڙي ۾ ڊاڪٽرياڻي ۽ ڊي ايس پي روھڙي کي به بيان ڏئي وئي ھئي اسان ڪنڌرا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي جنهن ۾ پوليس فھميدا جي سھوري کي وٺي آئي پر ٻن ڏينهن کان پوء پوليس ان کي به ڇڏي ڏنو ۽ پرويزنل پوسٽ مارٽم رپوٽ ۾ به تشدد جو لکيو ويو آهي اسان جي ايس ايس پي سکر عرفان سمون کي اپيل آهي ته اسان جي نياڻي فھميدا جاگيراڻي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي