79

ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ سينئر صحافي حاجي محمود هالائي جي ورسي تقريب ٿي گذري، مقررين پاران لفظن جي ڀيٽا پيش

ميرپورخاص: ميرپورخاص پريس ڪلب طرفان نامور صحافي حاجي محمود ھالائي جي ورسي تقريب، صحافي پنھنجا لفظ وڪرو ڪندڙ کي نھ پر سماج جي اوسر ۾ ڪردار ادا ڪندڙ کي ڇيو ويندو آھي، ڪوڙين تاريخن جي بنياد تي غلط نصاب پڙھائڻ جا نتيجا سامھون اچي رھيا آھن: مقررين ميرپورخاص ڊويزن ۾ صحافت جا بنياد وجھندڙ نالي واري صحافي حاجي محمود ھالائي جي ورسي ۽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر عاشق ميمڻ جي تعزيتي ريفرنس جي تقريب ميرپورخاص پريس ڪلب جي ھال ۾ ٿي، جنھن کي خطاب ڪندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر، سينيئر صحافي لالا رحمان سمون، ايڇ يو جي جي صدر جئھ پرڪاش موراڻي، سينيئر صحافي اقبال ملاح، ميرپورخاص پريس ڪلب جي صدر نظير پنھور، سليم آزاد، سيد محمد خالد، عاطف بلوچ، شاھد خاصخيلي، حبيب اللھ ميمڻ ۽ ٻيو چيو تھ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ حاجي محمود ھالائي جھڙين شخصيتن پنھنجي قلم وسيلي عوام ۽ مظلوم طبقن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ھنن چيو تھ پنھنجا لفظ وڪرو ڪندڙ کي صحافي نھ پر صحافي ان کي چيو ويندو آھي جيڪو سماج جي اوسر ۾ پنھنجو بھتر ڪردار ادا ڪري. ھنن چيو تھ پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آھي، ھتي صحافي مارجي ٿا وڃن تھ ڪير انھن جي پوئواري نھ ٿو ڪري. ھنن چيو تھ جيڪي ماڻھو روز اخبارون يا ٽي وي چينلز جون ھيڊلائينز بھ نٿا ٻڌن، اھي بھ اڄڪلھ صحافين کي گھٽ وڌ ڳالھائين ٿا. مقررين چيو تھ سينيئر صحافين مان سکڻ ۽ انھن جي علم ۽ ڏانءَ کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي. ھنن ڇيو تھ اڄڪلھ جيترا ماڻھو پنھنجو پاڻ کي صحافي سڏائين ٿا، اتي اھو سوال بھ پيدا ٿيو آھي تھ آخر صحافي ڪير آھي؟ ھنن چيو تھ حق ۽ سچ چوڻ تي صحافتي ادارن خلاف سازشون ٿينديون رھنديون آھن مقررين چيو تھ اسان جي ملڪ ۾ ڪوڙين تاريخن جي بنياد تي غلط نصاب پڙھائڻ جا نتيجا اڄڪلھ اسان جي سامھون اچي رھيا آھن. ھنن چيو تھ ھن ملڪ اندر اصل جماعتن کي پويان ڪرڻ يا کين ناڪام ڪرڻ لاءِ ھٿرادو جماعتون بڻائڻ جو رواج رھيو آھي، اھڙي طريقي سان ڌنڌوڙي ماڻھن بھ صحافت کي بدنام ڪيو آھي. ھوڏانھن ان موقعي تي تقريب بعد پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنسلٽس يونين ميرپورخاص ڊويزن جو بنياد پڻ وڌو ويو، جنھن ۾ ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن لاءِ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو