قمبر/شھدادڪوٽ: روڊن لاءِ آيل فنڊ هڙپ ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن جي بک هڙتال جاري

سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان اعلانيل بک هڙتال اڄ ٽئين ڏينهن به جاري، جنهن خلاف ڪارڪنن امداد سومرو، زاهد مگسي، فاروق سومرو، رفيق سومرو ، محسن ميرجت، تبريز ڇلگري، غلام علي مگسي، علي مراد بروهي، عرفان سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انجنيئر عبدالقادر سانگي ۽ ٺيڪيدار خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي هنن چيو ته بگو روڊ ۽ سڪندر کوسو هوٽل روڊ سميت شھر جا ڪيترائي روڊ رولڙي جو شڪار آهن، انجنيئر عبدالقادر سانگي ۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري روڊن لاءِ آيل فنڊ هڙپ ڪري ڪاغذي ڪارروائي ۾ روڊ تعمير ڪرايا آهن مظاهرين نگران حڪومت، نيب، اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ڪيو ته انجنيئر ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪري رقم واپس ملڪ جي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي هنن وڌيڪ چيو ته 29 سيپٽمبر 2023 تي يار محمد بروهي جي ڳوٺ کان ريلي ڪڍي ويندي ۽ 15 آڪٽوبر 2023 تي شھدادڪوٽ کان پيادل مارچ ڪري قمبر روڊس انجنيئر آفيس جي سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.