لاڙڪاڻي ۾ 30 رپيا نه ڏيڻ تان پورهيت جي نياڻي کي سرڪاري اسڪول مان نيڪالي

لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ لٽل فوڪس اسڪول انتظاميا جو ڪارنامو 30 روپئي جو فراڊ ۽ ٺڳي جو ڪوڙو الزام هڻي شاگردياڻي کي اسڪول مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو.
متاثر شاگردياڻي ام رباب پنهنجي امڙ سان گڏجي پريس ڪلب آڏو روئيندي احتجاج ڪيو ته مون برياني واري کان 50 روپئي جي برياني ورتي ۽ هن مونکي چيو ته 30 روپيه ڏنا اٿئي مون چيو ته 50 روپيه ڏنا آهن ائين هن چيو ته برياني وارو مونکي چور چور چوندو رهيو ۾ ٻين شاگردن شاگردياڻين کي به چيو ته مان چور آهيون.
شاگردياڻي وڌيڪ چيو ته جڏهن مان اهڙي دانهن اسڪول انتظاميه ۽ ٽيچر ڏي کڻي ويس ته انهن منهنجي شڪايت جو ازالو ڪرڻ بجاءِ اسڪول مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو ۽ سرعام مونکي بي عزت ڪيو ويو هن چيو ته برياني وارو روزانو اسڪول جي ٽيچرس کي مفت ۾ برياني ڏيندو آهي جنهن ڪري اهو شاگردياڻين کي ٺڳيندو رهندو آهي شاگردياڻي مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسڪول انتظاميا ۽ برياني واري کان پڇاڻو ڪري انصاف ڪيو وڃي.