ملڪ ۾ بجلي جي چورن خلاف آپريشن دوران هينئر تائين 7 ارب کان وڌيڪ جي وصولين جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ٽوئٽر تي بجلي بابت سيڪريٽري راشد لنگڙيال بجلي چوري جي خلاف آپريشن جا انگ اکر پيش ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته بجلي چورن کان 7 ارب 88 ڪروڙ 90 لک روپيه وصول ڪيا ويا آهن ۽ هينئر تائين 2301 بجلي جا چور گرفتار ڪيا ويا آهن توانائي بابت سيڪريٽري ٻڌايو ته بجلي چورن جي خلاف 15 هزار 47 ايف آءِ آرز داخل ٿي چڪيون آهن. راشد لنگڙيال چيو ته بجلي چوري جي خلاف مهم ڏنڊن ۽ وصولين جي لاءِ نه مفت خوري جي رويي ۾ تبديلي جي لاءِ آهي.