77

راولپنڊي:پاڪ فوج عمران خان جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، حڪومت کان ڪارروائي جو مطالبو

راولپنڊي: پاڪ فوج تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي طرفان لڳايل الزام بي بنياد آهن. حڪومت کي معاملي جي جاچ ڪرڻ گهرجي پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران اداري تي لڳايل بي بنياد ۽ غير ذميواراڻو الزام مڪمل طور تي ناقابل قبول آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين خاص طور تي هڪ اعليٰ فوجي آفيسر تي لڳايل بي بنياد الزام ناقابل قبول آهن بيان موجب پاڪ فوج کي اعليٰ پروفيشنل هجڻ تي فخر آهي، پاڪ فوج انتهائي پروفيشنل ۽ نظم و ضبط رکندڙ فوج آهي، پاڪ فوج وٽ اندروني احتساب جو مضبوط ۽ انتهائي موثر نظام آهي. ڪنهن کي به اداري يا ان جي سپاهين جي بي عزتي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي پاڪ فوج پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، حڪومت بغير ڪنهن ثبوت جي اداري کي بدنام ڪرڻ جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري. آءِ ايس پي آر موجب ادارن ۽ اهلڪارن تي لڳايل بي بنياد الزامن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هي ادارو آفيسرن ۽ جوانن کي مڪمل تحفظ ڏيندو، جوانن جي حفاظت ڪندو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو