ڪشمور سيد ذوالفقار علي شاهه محله ۾ بجلي چور ۽ بقاياجات مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون آپريشن

ڪشمور سيد ذوالفقار علي شاهه محله ۾ بجلي چور ۽ بقاياجات مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون آپريشن ذوالفقار شاھ محله ۾ مختلف ھنڌن مان ٽرانسفارمرن جون مين تارون لاھي ڪنڊي مافيا خلاف ڪريڪ ڪيو ويو، ڪشمور سب ڊويزن ايس ڊي او سيپڪو غلام ياسين کوسو ۽ لائن سپرينڊينٽ نثار احمد جکراڻي جي اڳواڻي ۾ سوين تارون لاھي واپڊا آفيس جمع ڪيا ويا ايس ڊي او غلام ياسين کوسو چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي ڪنڊا ڪنيڪشن ۽ بقاياجات کي بخش نه ڪيو ويندو اسان کي نگران حڪومت وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي حڪم مطابق ڪم ڪرڻو آهي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين ڪنڊا ھڻڻ جي اگر جنهن به ڪنڊا ھنيون ته ان خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائي ويندي ايس ايس ڊي او سيپڪو غلام ياسين کوسو ڪشمور عوام کي تاڪيد ڪندي چيو آهي ته مھرباني ڪري جنهن وٽ ميٽر ناھن اھي نوان ميٽر وٺي ۽ بجلي استعمال ڪرين