انفارميشن ٽيڪنالوجي (آءِ ٽي) واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن فائيو جي کي جاري ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي ريعن جو چوڻ آهي ته نگران آءِ ٽيواري وزير ڊاڪٽر عمر سيف فائيو جي جي جاري ٿيڻ بابت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن آءِ ٽي وزارت جي ذريعن موجب فائيو جي، جي نيلامي سان حڪومت کي ڪروڙين ڊالرز ملي سگھن ٿا، اسپيڪٽرم جي نيلامي 10 مهينه بعد ٿيڻ جو امڪان آهي ذريعن موجب پاڪستان جون موبائل ڪمپنيون هن وقت 367 ميگا هرٽز جي ويجهو اسپيڪٽرم استعمال ڪري رهيون آهن جڏهن ته ريفارمنگ سان دستياب اسپيڪٽرم جي نيلامي سان اهو ڪاٿو 600 ميگا هرڊز کان وڌيڪ ٿي ويندو ريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪٽرم نيلامي سان صارفين جي نيٽورڪ بابت شڪايتون جو به فوري ازالو ٿي ويندو.
245