70

لاهور:ڇا طلاق کان پوءِ آپگهات ڪري ڇڏيان؟ عمران اشرف جي اڳوڻي گهر واري مخالفن جي تنقيد کان بيزار

لاهور: ڊرامه انڊسٽري جي مشهور اداڪار عمران اشرف جي اڳوڻي گهر واري ۽ ماڊل ڪرن اشفاق تنقيد ڪندڙ ماڻهن کان تنگ اچي وئي.ڪرن اشفاق انسٽاگرام تي نامناسب ڪمندڙ ڪندڙ عورت جو اسڪرين شارٽ شيئر ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ هن چيو آهي ته طلاق کان پوءِ ايندڙ ڪمنٽس مان سخت پريشان ٿي چڪي آهيان هن وقت منهنجي رب کي خبر آهي ته مان ڪهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهيان هن چيو ته تنقيد ڪندڙن ۾ وڌيڪ عورتون آهن جيڪي منهنجي لاءِ نامناسب ڪمنٽ ڪري رهيون آهن
تنقيد ڪندڙن جي ڪمنٽ تي ڪرن اشفاق جواب ڏيندي چيو ته ڇا اوهان چاهيو ٿا ته طلاق کان پوءِ مان آپگهات ڪري ڇڏيان. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ ماڻهو هڪ عورت کي ڪڏهن به سڪون سان جيئڻ نٿا ڏين پوءِ ڀلي اها ڪهڙي به صورتحال هجي.ياد رهي ته ماڊل ڪرن اشفاق ۽ عمران اشرف گذريل مهيني 18 آڪٽوبر تي سوشل ميڊيا پوسٽس ذريعي طلاق جو باضابطه اعلان ڪيو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو