سنڌ : جي ٻين شھرن جيان غوثپور شھر ء زورڳڙھ ۾ به ٻارنھن ربيع الاول جي ڀلاري ڏينھن جي آمد جي سلسلي ۾

سنڌ : جي ٻين شھرن جيان غوثپور شھر ء زورڳڙھ ۾ به ٻارنھن ربيع الاول جي ڀلاري ڏينھن جي آمد جي سلسلي ۾ جماعت اھل سنت طرفان شھر جي مئن بس اڏي کان شاھي بازار تائين ريلي ڪڍي ويئي۔ ريلي جي اڳواڻي سيد افتخار شاھ۔ سيد آفتاب شاھ جيلاني۔ حبيب الله جعفري ۽ ٻيا اھل سنت جا اڳواڻ ڪري رھيا ھئا۔ اڳواڻن ان موقعي تي جھمريون پائي ھٿن ۾ جھنڊيون کڻي مرحبا يا رسول الله جا نعرا ھڻندا رھيا۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نبي پاڪ اسانکي انسانن سان محبت ڪرڻ ۽ دين جي ڏسيل واٽ تي ھلڻ جو درس ڏي ٿو۔ اسان مومنن کي نبي پاڪ جي ھر حڪم جي پيروي ڪرڻ لازمي آھي۔ جيستائين دل ۾ حضور جي محبت نه ايندي مومن سڏائي نه سگھنداسين ٻئي طرف زورڳڙھ م فقير محمد مراد فقير عبدالفتاح گولو فقير يونس گولو حاجي نياز گولو ھاشم گولو ء ٻين جي اڳواڻي م مختلف چوڪن کان ٿيندي پنهنجي منزل ڳوٺ ھبيت گولو جي مسجد وٽ پھتي بعد م لنگر جو بندوست پڻ ھو