حيدرآباد : پريس ڪلب ۾ ايڇ يو جي ۽ پي ايف يو جي طرفان جان محمد مهر جي قتل واري واقعي بابت تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

حيدرآباد : يونين آف جرنلسٽ پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي ياد ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تعزيتي/ احتجاجي ميڙاڪو، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، متحد اڳوان صابر قائم خاني، عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نوراحمد ڪاتيار، ڪامريڊ بخشل ٿلو، جماعت اسلامي جي اڳوان حافظ طاهر مجيد، جي يو آئي ف جي اڳوان مولانا تاج محمد ناهيون، سنڌ هائي ڪورٽ بار حيدرآباد جي صدر ماما يوسف لغاري، انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ امداد چانڊيو، پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻن لالا اسد پٺاڻ، خالد کوکر، لالا رحمان سمون، اقبال ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو جنهن ۾ انهن شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ان سلسلي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيل تعزيتي ميڙاڪي کي پ پ سنڌ جي صدر سنيٽر نثار احمد کهڙي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به انسان کي قتل ڪرڻ ڏوهه آهي هن چيو ته جان محمد مهر جو قتل افسوسناڪ آهي جنهن جي پهريان به مزمت ڪئي آهي ۽ هاڻ به مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ٻوري بند لاش ڏيڻ وارو به ڏوهاري آهي ته جان محمد مهر جو قاتل به ڏوهاري آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي سپريم ڪورٽ پاڻ چوي ٿي ته اسان وٽ 58 هزار ڪين جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي آهي ته پوءِ شهيد جان محمد مهر جو قتل ڪيس ڪڏهن ٻڌو ويندو هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي آخري ڏهاڙين ۾ ٻه جي آءِ ٽيز جوڙيون ان کان پوءِ سنڌ حڪومت جو مدو ختم ٿي ويو. هن چيو ته وارثن سان ملاقات انهن به اهو ٻڌايو ته اسان کي خبر آهي ته قاتل ڪٿي ويٺل آهي جڏهن مقتول جي وارثن کي قاتلن جي خبر آهي ته پوءِ ادارن کي ڪئين خبر نه هوندي، هن چيو ته اسان صحافين جي مطالبي سان گڏ آهيون هن چيو ته اسان ٽي ٽي پي جي هميشه سان خلاف رهيا آهيون اسان رينجرس جي آپريشن جي حمايت ڪئي آهي اسان پرامن سنڌ چاهيون ٿا سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جان محمد مهرقلم سان سنڌ جي سماج کي شعور ڏنو، اهڙا سچا صحافي حڪومتي ڌرين کي پسند ناهن هوندا هن چيو ته ايڇ يو جي ۽ پي ايف يو جي مستقل مزاجي ۽ سچائي سان جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي وارثي ڪئي آهي ايس ٽي پي ساڻن گڏ آهي هي جاگيردار سرادرن جو معاشرو آهي ٻئي پاسي هاري مزدور آهن جان محمد مهر هاري مزدورن جو آواز هو هن چيو سرڪاري نظام سردارن جاگيردارن اڳيان مفلوج بڻيل آهي هن تعزيتي رفرنس ۾ جيڪو فيصلو ڪيو ويندو ان سان ايس ٽي گڏ هوندي.قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته صحافي جان محمد مهر جبر ۽ ناانصافين خلاف وڏو آواز هو هن چيو ته سڄي دنيا ۾ هر سال 60 کان 70 صحافي قتل ٿين ٿا انٽرنيشل رپورٽ موجب انهن 87 سيڪڙو صحافين جا قاتل گرفتار نٿا ٿين ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿا، صحافي جان محمد مهر جي قتل کان پوءِ جهڙي طرح سول سوسائيٽي سياسي ورڪرن صحافي ان قتل خلاف متحد ٿي مزاحمت ڪئي آهي حڪومت سردار، پيرن ۽ وڏيرن کي ٽڪيٽ ڏئي انهن کي اسان مٿان مسلط ڪري ٿي ايس پي کان وٺي ڊي سي تائين سردارن جي چوڻ تي لڳن ٿا پوءِ اسان انهن مان ڪهڙي اميد رکون ته هو اسان جي صحافين استادن پروفيسرن سياسي ورڪرن سان انصاف ٿيندو. قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جان محمد مهر صحافت جو وڏو نالو هو جنهن جو قتل قلم جو قتل آهي هڪ ڏينهن انڊس هاءِ وي کي بند ڪيو ته انهي ڏينهن قاتل گرفتار ٿي ويندا قانوندان ماما يوسف لغاري چيو ته اظھار راء جي آزادي جو بنيادي حق آھي، اھو ڪنھن کان به کسي نٿو سگھجي ھن چيو ته ھن ملڪ م کلڻ جي آزادي به ناھي ته اتي ڳالھائن جي اجازت ڪھڙي ھوندي، ھن چيو ته ھن ملڪ جو جمھوري، سياسي، عدليا جو نظام ناڪام ٿي چڪو آھي، وڪيلن ۽ صحافين کي غير جمھوري قوتن سان مھاڏو اٽڪائڻو پوندو ھن چيو ته شھيد جان محمد مھر سنڌ جو سگھارو آواز ھو، جنھن کي قتل ڪيو ويو، ھاءِ ڪورٽ بار ۽ سنڌ بار ڪائونسل عملي طور تي شھيد صحافي جي قاتلن جي گرفتاري لاء ھر قدم تي گڏ رھندي. ھن چيو ته وڪيل ۽ صحافي گڏيل پليٽ فارم ٺاھي جدوجهد ڪن ھن چيو ته اشرافيه 70 سالن کان اقتدار ۾ آھي عوام به بيحس ٿي ويو آھي، جيڪو ظلم خلاف ٻاھر نڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ان ڪري اسان سڀني کي ٻاھر نڪرندو پوندو پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري لالا اسد پٺاڻ چيو ته پاڪستان ۾ شھيد جان محمد مھر سميت 148 صحافي قتل ٿيا آھن پر ھڪ ڪيس م به انصاف نه ملي سگھيو آھي، ڇا ھن ملڪ جي رياست، حڪومت ۽ ادارا ناڪام ٿي ويا آھن، جيڪي صحافين جو تحفظ ۽ انصاف فراھم نٿا ڪري سگھن ھن چيو ته جيستائين قاتلن کي گرفتار ڪري منتقي انجام تي نه پھچايو ويندو، تيستائين اسان جي جدوجھد جاري رھندي، ھن چيو تہ پي ايف يو جي ۽ ايڇ يو جي جتي به صحافين سان ظلم ٿيو آھي اتي بيٺي آھي، اسان خاموش نه رھنداسين پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر چيو ته پهرين ڏينهن کان پوليس قاتلن جا نالا پاڻ ٻڌايا پر اڃان تائين اسان جي ملڪ جا سڪيورٽي ادارا انهن قاتل تائين ڇو نه پهچي سگهيا آهن اهو هڪ سوال آهي جيڪو شڪن کي جنم ڏي ٿو هن چيو ته قاتل ڪچي مان نڪري شهري آبادي ۾ داخل ٿي صحافي کي قتل ڪن ٿا پر پوليس ڪچي تائين پهچي جوابدارن کي گرفتار نٿي سگهي جيڪا پوليس جي وڏي ناڪامي آهي حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون چيو ته قاتل اڻ ڄاتل ناهن نه ئي ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن، مک قاتل قتل ڪري وڊيو به جاري ڪن ٿا هن چيو ته سنڌ حڪومت قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام نه پر سنڌ حڪومت قاتلن کي بچائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. جان محمد مهر جو قتل عام راواجي قتل ناهي ان قتل ۾ ملوث بااثر ماڻهو آهن، قاتل ٽرينڊ ۽ تربيتي يافته آهي جنهن وڏي منصوبابندي رٿابندي تحت قتل ڪيو اهڙي طرح قتل ڪندڙ ڪچي جو ماڻهو نٿو ٿي سگهي. جان مهر کي ڪنهن زمين جي ٽڪري تي قتل نه ڪيو ويو آهي پر ائين ناهي پر حق ۽ سچ جو قتل ڪيو ويو آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت ائين سمجهي ٿي ته وقت گذرڻ سان گڏ چپ ڪري وهي رهندي پر صحافي ڪنهن به صورت ۾ چپ ڪري نه وهيندا پي ايف يو جي ماضي ۾ جدوجهد ڪئي آهي هاڻ به ڪندي. ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح چيو تي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي 44 ڏينهن گذري چڪا آهن پر ان قاتل ۽ سهولتڪار آزاد آهن سنڌ کي سردارن حوالي ڪري قتل ڪيو پيو وڃي صحافتي ميدان ۾ اسان کي چپ ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن صحافت آزاد هوندي ته سماج تبديل ٿيندو ۽ هن ملڪ جي جمهوريت مضبوط هوندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اسان هر قدم تي صحافي برادري سان گڏ آهيون هن چيو ته ڪچي ۾ جديد هٿيار ڪير پهچائي ٿو ان جو جواب حڪمرانن کي ڏيڻو پوندو عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته ھي ڪوڙو جاگيرداري نظام آھي جنهن کي ڳجھي اسٽبلشمينٽ پالي ٿي، جاگيرداري جي خاتمي تائين ائين قتل ٿيندا رهندا جان محمد مهر جا قاتل جاگيردار ۽ سردار آهن سنڌي هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر جتوئي چيو ته سنڌ جي وڏيرن سردار سنڌ اندر قتل عام ڪرائي پنهنجي سرداري قائم ڪري ورتي آهي پر سنڌ جو شعور جاڳي ٿو. هنن جي سرداري وڌيڪ وقت نه هلي سگهندي شهيد جان محمد محمد مهر جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين اسان جدوجهد ۾ گڏ رهنداسين جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حافظ طاهر مجيد چيو ته پوليس کي جنهن کي گرفتار ڪرڻو هوندو آهي ته هڪ ڏينهن اندر ڪري سگهي ٿي پر شهيد جان محمد مهر جا قاتل اڃان تائين آزاد آهن افسوس جهڙي ڳالهه آهي اسان کي پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳوڻي ايم اين اي صابر قائمخاني چيو ته ڪافي عرصي کان هٿ وٺي سنڌ جا حالات خراب ڪيا پيا وڃن صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدر ايترا طاقتور آهن جو اڃان تائين گرفتار ناهن ٿيا ڪي ٽي اين حيدرآباد جي بيورو چيف اصغر کاڻوٺي چيو ته صحافي جان محمد مهر جو پورهيو تمام وڏو آهي، سندس قتل کان پوءِ سڀني صحافي تنظيم ملي ڪري جدجهد ڪئي آهي صحافي سڀ متحد آهن روادري تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو چيو ته صحافي جان محمد چيو جان محمد مهر جي قتل ملوث اصل جوابدرن کي پڌرو ڪيو وڃي گذريل ڪيترن ۽ سالن کان صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي جي يو آئي (ف) سنڌ جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيو چيو ته جان محمد مهر جو شهيد خالد محمود سومرو سان ويجهو تعلق هو شهيد جان محمد مهر جا قاتل سردار وڏيرا آهن تنهن ڪري اڃان تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن سکر يونين آف جرنلسٽ امداد بوزدار چيو ته اڃان تائين ايف آءِ آر ۾ شامل جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جيڪي جوابدر گرفتار ٿيا آهن. ان حوالي سان پوليس ڪي به تفصيل نٿي ڏي، شهيد جان جا اصل قاتل اڃان تائين آزاد آهن. انتظاميان سمجهي ٿي ته صحافي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چپ ٿي ويندا پر ائين نه ٿيندو صحافي سندس قاتلن جي گرفتاري تائين پنهنجو احتجاج جاري رکندي ناليوري وارو قانوندان افضل گجر چيو ته ملڪ جي صحافت آزاد هوندي ته ملڪ ترقي ڪندو سنڌ ماڻهن جو ڪرادر سڀني جي سامهون آهي، سنڌ جي ماڻهن ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪئي ۽ ڪامياب ٿيا ان تحريڪ صحافي جان محمد جهڙا بهادر صحافي به موجود هئا ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآڊينيٽر غفرانه آرئين چيو ته ايڇ آر سي آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي صحافي جان محمد جو قتل صحافت جو قتل آهي ايڇ آر سي پي ايڇ يو جي ۽ پي ايف يو جي سان گڏ بيٺل آهي سماجي اڳواڻ سليمان ابڙو چيو ته ته هن معاشري ۾ انتشار هٿي ڏيندڙن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي انهن کي سزا ڏني وڃي جان محمد مهر جو قتل شعور جو قتل آهي هن چيو ته هڪ طرف صحافين کي پروفيسرن استادن کي قتل ڪيو پيو وڃي جنهن کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان، سينئر صحافي جنيد خانزاده چيو ته صحافي جان محمد مهر سکر ۾ رهي نه صرف سکر جي دردن کي ونڊيو پر سڄي سنڌ جو آواز هو هن چيو ته جان محمد جو قتل خانداني نه پر سياسي آهي اسان نئي آيل چيف جسٽس کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو پاڻ مرادو صحافي جان محمد مهر جي قتل جو نوٽس وٺي کيس گرفتار ڪيو وڃي انساني حقن جي اڳواڻ امداد چانڊيو، مسلم ليگ فنڪسنل جي مرڪزي اڳواڻ ڪاشف نظاماڻي، ايڇ يو جي جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي خطاب ڪيو جڏھن ته ايڇ يو جي خزانچي جاني خاصخيلي، منصور مري، غلام حسين خاصخيلي، منصور مري، اعجاز لغاري، اشوڪ راماڻي، فاضل چنا، حسيب لطيفي، اعجاز مگسي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو