ڪنڌڪوٽ ۾ راڪيٽ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا پوليس موجب شهر ۾ ڪچي جي علائقي ۾ راڪيٽ لانچر جو گولو ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي سبب ٻارن ۽ عورتن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا آهن جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن پوليس موجب واقعو گهوڙا گهٽ ٿاڻي جي حد علي نواز سبزوئي ۾ پيش آيو جتي گهر ڀاتي نامعلوم هنڌان ملندڙ گولو وڪرو ڪرڻ جي لاءِ ڀڃي رهيا هئا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ چار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي گولو ڦاٽڻ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي. ڪنڌڪوٽ پوليس ۽ رينجرز موقعي تي پهچي علائقي جو گهيرو ڪري ورتو آهي ٻئي طرف ايس ايس پي مير روحيل خان کوسو چيو آهي ته ڪنڌڪوٽ ۾ گولو ڦاٽڻ سبب اٺ ڄڻا مارجي ويا آهن. راڪيٽ لانچر جو گولو ٻارن کي زمين تان مليو جيڪو هو گهر کڻي آيا، ٻار ۽ عورتون گولي کي ڏسي رهيون هيون ته اهو اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ پهچي پهچي وئي آهي، مان پاڻ به واقعي واري هنڌ موجود آهيان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.