رائونتي ويجهو ڏهر برادري ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي جهيڙو ٿي پيو جنهن تان ڪوش

رائونتي ويجهو ڏهر برادري ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي جهيڙو ٿي پيو جنهن تان ڪوش برادري جي 20 کان مٿي ماڻهن ڏهر برادري جي ماڻهن مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري ڏنو جنهن تان ڏهر برادري جو هڪ نوجوان فياض احمّد ڏهر سخت زخمي ٿي پيو جنهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن ڏهر برادري جي ماڻهن پاران ڪوش برادري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو , ان موقعي تي ناصر جمال ڏهر , عدنان ڏهر , عبدالرشيد ڏهر , صدام ڏهر , ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سروي نمبر 410 ۾ ڇھ ايڪڙ قبولي زمين آهي جنهن جو اسان وٽ کاتو به موجود آهي ڪوش برادري جا ماڻهون اسانجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا اڄ صبح جو سوير جنئين ئي اسان پنهنجي زمين تي ڪم شروع ڪرايو ته ڪوش برادري گجڻ ڪوش , پهلوان ڪوش , ياسين ڪوش , راهب ڪوش سميت 20 کان مٿي ماڻهن اسان مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اسانجو هڪ پيرسن فياض ڏهر سخت زخمي ٿي پيو آهي جيڪو هن وقت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال ۾ زير علاج آهي جوابدارڌر بااثر آهي اسان کي خدشو هو اسان مٿان ٻيهر حملو ڪري سگهن ٿا انهن مطالبو آهي ايس ايس پي گهوٽڪي منير کهڙو کان ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي تحفظ ڏنو وڃي هوڏانهن ڊي ايس پي رائونتي غلام مصطفي ميراڻي واقعي واري هنڌ تي پهچي جهيڙي تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي