احتساب عدالت نيب ڪيسز ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم اعظم يوسف رضا گيلاني کي طلب ڪري ورتو آهي اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ توشه خانه ڪيس ۾ طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو آهي ۽ کيس 24 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي به 24 آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي