فيض آباد ڌرڻو ڪيس: وفاقي سرڪار، اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ اپيلون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان(ٽي ايل پي) جي 2017 جي ڌرڻي بابت فيصلي خلاف نظر ثاني جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران وفاقي سرڪار، تحريڪ انصاف ۽ اليڪشن ڪميشن به پنهنجون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون آهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل روسٽرم تي اچي دليلن جي شروعات ڪئي چيف جسٽس چيو ته شيخ رشيد جا وڪيل وزير بڻجي ويا آهن ته اهي پنهنجا متبادل مقرر ڪري وڃن، پهريان ڪجهه ڳالهين جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو، هي ريگولر بينچ آهي خصوصي بينچ نه آهي، نظرثاني درخواستون فوري طور تي مقرر ٿينديون آهن پر هي درخواستون 4 سال مقرر نه ٿيون چيف جسٽس چيو ته فيصلو ڏيندڙ هڪ جج رٽائرڊ ٿي چڪو آهي، ان لاءِ هن بينچ جي سامهون مقرر نه ٿيو اٽارني جنرل چيو ته اسان نظرثاني درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته اوهان درخواست ڇو واپس وٺي رهيا آهيو، ڪو سبب آهي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ڪو خاص سبب نه آهي صرف نظرثاني جي درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا اٽارني جنرل چيو ته وفاق هن ڪيس ۾ دفاع نٿو ڪرڻ چاهي چيف جسٽس اٽارني جنرل سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻ ڇو واپس وٺڻ چاهيو ٿا، پهريان چيو ويو ته فيصلي ۾ غلطيون آهن، هاڻ واپس وٺڻ جا سبب ته ٻڌايو اٽارني جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته نظرثاني اپيلون جڏهن داخل ڪيون ويون ان وقت حڪومت ٻئي هئي، چيف جسٽس چيو ته اوهان لکت ۾ درخواست ڇو داخل نه ڪئي پيمرا جي وڪيل حافظ احسان چيو ته مان پنهنجي نظرثاني اپيل واپس وٺي رهيو آهيان. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن جي هدايتن تي واپس وٺي رهيا آهيو، جيڪي اٿارٽي ۾ رهي چڪا آهن اهي يو ٽيوب چينلز تي تبصرا ڪري رهيا آهن چيو پيو وڃي ته اسان ٻڌو نه ويو. هاڻ اسان ٻڌڻ لاءِ ويٺا آهيون، اچي ٻڌايو اسان هي درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿا ڪريون ڪنهن کي به ڪجهه چوڻو آهي ته لکت ۾ چئي. اوهان ڊگها پروگرام ڀلي ڪريو پر ادارن کي تباهه نه ڪريو. هتي اچي اوهان خاموش ٿي وڃو ٿا، ٽي وي تي چئو ٿا ته اسان کي ٻڌو نه ويو اسان پيمرا جي درخواست ٻڌڻي هيٺ رکنداسي سڀاڻي ڪو به اهو نه چئي ته اسان کي ٻڌو نه ويو سوال اهو آهي ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عمل ڇو نه ٿيو؟ آخر سڀ هن ڪيس ۾ ايترا ڊنل ڇو آهن ياد رهي ته پي ٽي آءِ، اليڪشن ڪميشن، اعجازالحق ۽ ايم ڪيو ايم فيض آباد ڌرڻي فيصلي جي خلاف نظرثاني درخواستون داخل ڪيون هيون جڏهن ته شيخ رشيد جي وڪيل ڪيس ۾ التوا جي درخواست داخل ڪئي هئي