لاهور: پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان رائيونڊ ۾ تبليغي اجتماع سبب حڪومت خلاف احتجاج هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي پنجاب حڪومت جي ترجمان مسرت چيمه چيو آهي ته عمران خان تبليغي اجتماع ۾ شرڪت ڪندڙن جي واپسي سبب احتجاج هڪ ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو آهي مسرت چيمه وڌيڪ چيو آهي ته تحريڪ انصاف حقيقي آزادي جو مشن اڌورو نه ڇڏيندي. قيادت اڄ پنهنجو نئون لائحه عمل ڏيندي. عمران خان جي اڳواڻي ۾ حقيقي آزادي جو قافلو جلد منزل طرف روان دوان نظر ايندو. مسرت چيمه چيو ته عوام جي دعائن سبب عمران خان جي صحت بهتر ٿي رهي آهي.
