اسان جو فلحال ڪنهن به جماعت سان اليڪشن جي لاءِ اتحاد ناهي: يوسف رضا گيلاني

پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي سان اتحاد ناهي ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته هو چاهين ٿا ته چونڊن جي تاريخ اچي ۽ عوام جي پريشاني ختم ٿئي هن چيو ته هن وقت اسان جو ڪنهن به پارٽي سان چونڊ اتحاد ناهي، نواز شريف جي وطن واپسي تي اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته نواز شريف کي پرواه ناهي ته هو اچي اليڪشن وڙهندو.