اسلام آباد: اعظم سواتي جي مبينه وڊيو ليڪ معاملي جي جاچ لاءِ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي 14 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي رپورٽ موجب ڪميٽي جي قيام بابت صادق سنجراڻي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي ۾ اعظم نذير تارڙ، محسن عزيز، يوسف رضا گيلاني، غفور حيدري، انورالحق ڪاڪڙ، فيصل سبزواري، طاهر بزنجو، شفيق ترين، سينيٽر مشتاق، سينيٽر قاسم مظفر شاهه، هدايت الله، ڪامل علي آغا ۽ دلاور خان کي شامل ڪيو ويو آهي نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ميمبرن جي چونڊ جو فيصلو پاڻ ڪندي. خصوصي ڪميٽي اعظم سواتي جي مبينه وڊيو ليڪ جي هر رخن کان جاچ ڪندي. جڏهن ته ڪميٽي 30 ڏينهن دوران پنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي.
