ڪراچي : جي مھراڻ ٽائون واسي متاثر پريمي جوڙو ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي روشن علي ٻرڙو، پريميڪا ارشاد بيبي چيو ته اسان پنھنجي رضا خوشي سان گھران نڪري پنجاب جي ڪورٽ ۾ چار مھينا اڳ پيار جو پرڻو ڪيو، جنھن بعد ناري جي وارثن اسان کي گھرائي ڪري زبردستي مار ڪٽ ڪري جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون، جنھن بعد بااثر بدر ٻرڙو 12 لک وٺي ڪري نوجوان کي وارثن حوالي ڪيو، اسان ٻنھي جو ٻيھر رابطو ٿيو، جنھن بعد اسان گھران ٻيھر نڪري آيا آھيون، اسان گڏ رھڻ چاھيون ٿا، جنھن ڪري ارشاد بيبي جا وارث غلام حسين، بھار ناري جو پيءُ بگن ٻرڙو، ڀاءُ مختيار ٻرڙو اسان جا جاني دشمن بڻجي ويا آھن جيڪي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، 4 آڪٽوبر تي ڪراچي جي ڪورٽ ۾ حاضري رکيل آھي، جنھن ۾ اچڻ تي بااثرن پاران اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن اسين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.