رائونتي جي ڪچي واري علاقي۾ غيرت جي نالي تي عورت قتل

رائونتي: جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ فيض محمد شر ۾ غيرت جي نالي تي مڙس شبير عرف بگڙو مهراڻي شر پنهنجي گھرواري 30 ورهين جي مائي مهناز شر کي ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو واقعي کان بعد جوابدار فرار عورت جو لاش وارث رائونتي ٿاڻي تي کڻي آيا احتجاج ڪندي ان عورت جي پي رمضان شر ٻڌايو آھي ته منهنجي ڌيء ناحق قتل ڪيو ويو آھي مونسان انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي رائونتي پوليس لاش کي پوسٽ ماتم لاء اوٻاوڙي اسپتال ۾ موڪليو ڪيو آھي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس نه داخل ٿي سگهيو