81

گوجرانوالا: عمران خان مٿان حملي جي ايف آءِ آر تي ڊيڊ لاڪ برقرار، پوليس پنهنجي موقف تي قائم، ڪيس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو

گوجرانوالا: عمران خان مٿان حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت ڌرين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي
پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ زبير نيازي جي پهرين درخواست تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڌرين وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ڊيڊ لاڪ دوران ڌرين چار ڀيرا رابطو ٿيو پر پوليس موقف کان پوئتي هٽڻ جي لاءِ تيار نه آهي ذريعن موجب پوليس جي خدشن تي درخواسگذار ڌر صلاح مشوري لاءِ ٻيهر مهلت گهري، صلاح مشوري جي لاءِ ڏنل مهلت جو مدو اڄ شام ختم ٿي ويندو ذريعن موجب پوليس وڌيڪ دير جي صورت ۾ ايندڙ لائحه عمل جي به تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. وڌيڪ دير ٿي ته ڪيس رياست جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويندو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليگل برانچ پنجاب پوليس قانوني ماهرين سان صلاح مشوري جو عمل به شروع ڪري ڏنو آهي ياد رهي ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي معاملي تي پنجاب جي وڏي وزير ۽ عمران خان وچ ۾ اختلاف آهن. پرويز الاهي معاملي تي قانون موجب ڪارروائي چاهي ٿو. جڏهن ته عمران خان پنهنجي خواهش موجب ايف آءِ آر ڪٽرائڻ چاهي ٿو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو