لاهور: انسپيڪٽر جنرل(آءِ جي) پنجاب وفاقي حڪومت کي خدمتون جاري نه رکڻ جي باري ۾ خط لکي ڇڏيو آهي. پنجاب جي آءِ جي فيصل شاهڪار صوبائي حڪومت سان وڌيڪ ڪم جاري رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
وفاقي حڪومت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ذاتي سببن جي آڌار تي وڌيڪ هن عهدي تي ڪم نٿو ڪري سگهان منهنجي گذارش آهي ته فوري طور تي پنجاب کان منهنجون خدمتون واپس ورتيون وڃن
هن چيو ته منهنجون خدمتون وفاقي حڪومت جي حوالي ڪيون وڃن. آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار طرفان لکيل خط اسٽيبلشمينٽ جي سيڪريٽري ڏانهن اماڻيو ويو آهي ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب حڪومت آءِ جي فيصل شاهڪار کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. صوبائي حڪومت وفاق کي ريڪوزيشن اماڻڻ جو چيو هو. جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار تي خدشن جو اطهار ڪيو ويو هو
