ڪنڌڪوٽ : ايس يو پي سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي سانحي خلاف ضلعي اڳواڻ دلمراد ڏاھاڻي

ڪنڌڪوٽ : ايس يو پي سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي سانحي خلاف ضلعي اڳواڻ دلمراد ڏاھاڻي، ظريت بجاراڻي، جيوڻ سبزوئي، الطاف بنگوار جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاج ريلي ڪڍي ماڙي جلباڻي سانحي ۾ شھيد ٿي ويل ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي ڪئي جڏهن ته ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي مٿان قانون نافذ ڪندڙ اھلڪارن ۽ پوليس وارن بنا جواز چڙھائي ڪري بيگناھ ڳوٺاڻن مٿان گوليون ھلائي ماروئڙن کي شھيد ۽ زخمي ڪيو جنهن لاقانونيت کي سڄي سنڌ للڪاريو آهي ۽ اسين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي سانحي جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي ملوث اھلڪارن کي گرفتار ڪري بيگناھ ڳوٺاڻن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ انصاف جي حاصلات تائين جدوجهد جاري رکي ويندي