حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 11 روپيه في ليٽر تائين لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 8 روپيه جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 11 روپيه لاٿ ڪئي وئي آهي پيٽرول جي قيمت 331.38 روپيه في ليٽر کان گهٽ ٿي 323.38 روپيه في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 329.18 روپيه في ليٽر کان گهٽ ڪري 318.18 روپيه في ليٽر ڪئي وئي آهي ناڻي واري وزارت نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب گهٽ قيمتون لاڳو ٿيڻ رات 12 وڳي کان شروع ٿي ويون آهن ناڻي واري وزارت چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ سبب قيمتون گهٽ ٿي ويون آهن. روپئي جي قيمت ۾ بهتري سان به پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.