مستونگ بم ڌماڪي جو هڪ ٻيو زخمي فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ شهيدن جو انگ 60 ٿي ويو آهي سول اسپتال جي ترجمان موجب 52 ماڻهو ڌماڪي جي پهرين ڏينهن شهيد ٿيا هئا. زخمين مان 7 ڄڻن سول اسپتال ۽ هڪ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ياد رهي ته بلوچستان حڪومت طرفان صوبي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي مستونگ ۾ جمعي 29 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ نامعلوم حملي آورن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ قتل، قتل جي ارادي، دهشتگردي ۽ ايڪسپلو سيو ايڪٽ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن مستونگ سانحي جي خلاف اهلسنت اتحاد جي اپيل تي شٽربند هڙتال جاري آهي، شهر جا اهم واپاري مرڪز، مارڪيٽون ۽ بازار بند آهن