ڪراچي: جيل چورنگي ويجهو شهري جي فائرنگ، 2 ڦورو مارجي ويا، هڪ زخمي

ڪراچي ۾ جيل چورنگي فلائي اوور ويجهو ڪار سوار شهري جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس موجب جيل چورنگي فلائي اوور ويجهو 3 ڦورو ڦر ڪري رهيا هئا ته ڪار سوار شهري ڦورن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس موجب شهري جي فائرنگ سبب هڪ ڦورو ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته 2 ڦورو زخمي ٿي پيا جيڪي پاڻ کي واٽهڙو ٻڌائي رهيا هئا پر جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته اهي واٽهڙو نه هئا پر مارجي ويل ڦورو سان گڏ آهن جيڪي ڦر جي ڪارروائي ڪري رهيا هئا پوليس موجب زخمين مان هڪ ڦورو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٽيون ڦورو زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. پوليس موجب ڪار سوار شهري ڦورن تي فائرنگ ڪري موقعي تان فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي ٻئي طرف ڪراچي جي علائقي بفرزون سيڪٽر 15 بي جي ويجهو به اهڙو ئي واقعو پيش آيو آهي جتي هڪ شهري طرفان ڦورن تي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس موجب ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ڦورو شهري کان ڦر جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته شهري انهن مٿان فائرنگ ڪري ڇڏي جنهن سبب 3 ڦورو زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ٽئي ڦورو عامر حسين، عبدالرحمان ۽ اسماعيل کي گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.