افغانستان ڀارت طرفان سهڪار نه ڪرڻ سبب نئين دهلي ۾ واقع افغان سفارتخاني کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي افغان سفارتخاني طرفان ڀارتي گهرو وزارت کي خط لکندي نئين دهلي ۾ سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. سوشل ميڊيا تي افغان ايمبيسي انڊيا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پهرين آڪٽوبر کان نئين دهلي ۾ سفارتخاني جون سموريون سرگرميون بند ڪرڻ تي افسوس ۽ مايوسي جو به اظهار ڪيو ويو خط ۾ سفارتخاني جون سرگرميون بند ڪرڻ جو فيصلو عملي جي کوٽ، وسيلن جي گهٽتائي ۽ ڀارتي حڪومت طرفان سهڪار نه ڪرڻ قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته ڀارتي حڪومت جي تعاون نه ڪرڻ سبب سفارتي مشن بهتر طريقي سان هلائڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته عملي ۽ وسيلن جي کوٽ سبب سفارتي آپريشن جاري رکڻ چيلينج بڻجي ويو هو افغان سفارتخاني طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت افغانستان جي مفادن جي لاءِ خدمتون جي اميد پوري ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيو. خط ۾ سفارتخاني کي بند ڪرڻ جو هڪ سبب ڪابل ۾ هڪ آئيني طور تي ڪم ڪندڙ حڪومت جي غير موجودگي کي نظر ۾ رکندي افغانستان جي مفادن کي نظر انداز ڪرڻ، سفارتڪارن لاءِ ويزه وقت تي جاري نه ٿيڻ جهڙا سبب به شامل آهن سفارتخاني جي خط موجب سفارتخاني جي عملي جو پاڻ ۾ جهيڙي جو بنياد رد ڪريون ٿا. ڪوبه سفارتڪار موجوده بحران تي ڪنهن به ٽئين ملڪ ۾ پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪري رهيو آهي ٻئي طرف پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سفارتخاني تي ڪنٽرول جي طالبان جي نامزد ڪيل ۽ اڳوڻي افغان صدر اشرف غني حڪومت جي مقرر ڪيل سفير وچ ۾ تڪرار هلي رهي هئي ان کان اڳ رائٽرز جي رپورٽ ۾ سفارتخاني جي 3 اهلڪارن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو هو ته سفير ۽ ٻين سينئر سفارتڪارن هلندڙ مهيني ۾ ڀارت ڇڏي يورپ ۽ آمريڪا ۾ سياسي پناهه حاصل ڪري ورتي. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارت نگران جي طور تي سفارتخاني جو ڪنٽرول سنڀاليندو.