حيدرآباد : يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي حيدرآباد، مٽياري، دادو، ڄامشورو، ٽٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الھيار ضلعن جي سمورن پريس ڪلبن آڏو بک ھڙتالي ڪئمپون قائم، قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻيل آهن ان سلسلي ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس مرڪز جي سڏ تي شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو ايڇ يو جي، جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي، خزانچي جاني خاصخيلي ۽ ٻين عھديدارن جي اڳواڻي ۾ ھڪ ھفتي تائين بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو، بک ھڙتالي ڪئمپ تي موجود صحافين، فوٽو گرافرن ۽ ڪئميرامينن شھيد صحافي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح خطاب ڪندي چيو ته شھيد جان محمد مھر جا قاتل ڪچي ۾ موجود آھن، جيڪي رياست ۽ حڪومت جي رٽ کي سرعام چئلينج ڪيو ويٺا آھن پر افسوس سنڌ پوليس ۽ سيڪيورٽي جا ٻيا ادارا قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي رھيا آھن ھن چيو ته شھيد صحافي جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته بک ھڙتال جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد تحريڪ جو ٽيون مرحلو لانگ مارچ ھوندو ايڇ يو جي جي جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي چيو ته اسان جو صرف ھڪ ئي مطالبو آھي ته قاتلن ۽ سھولتڪار کي گرفتار ڪري عدالتن جي حوالي ڪيو وڃي ايڇ يو جي، جي خزانچي جاني خاصخيلي چيو ته شھيد صحافي جان محمد مھر جي قتل واقعي کي ڏيڍ مھينو گذري ويو آھي پر افسوس قاتل ء سھولتڪار قانون جي گرفت کان آجا آھن، جنھن ڪري سڄي سنڌ جا صحافي سراپا احتجاج بڻيل آھن ايڇ يو جي، جي اڳواڻڻ ۽ سينئر صحافين منصور مري، ارشاد چنا، اعجاز لغاري، نياز وگھيو، فرحان آفندي، ساجد علي خان ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ھڪ عرصي کان صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، رياست جو چوٿون ٿنڀ مسلسل نشانو بڻجي رھيو آھي پر افسوس ان جي تحفظ ۽ صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪي به قدم نه کنيا پيا وڃن، جنھن ڪري سموري صحافي برادري ۾ سخت ڳڻتي آھي ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور قاتلن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ تحريڪ وڌيڪ تيز ٿيندي ويندي بک ھڙتالي ڪيمپ تي سينئر صحافين فاضل چنا، اشوڪ راماڻي، اشوڪ شرما، غلام حسين خاصخيلي، تنوير آرائين، شوڪت ميمڻ، ھارون آرائين، راشد لغاري، الله بخش ڪنڀر، مختيار وڪو، پون ڪمار، امام علي ڀلائي، نويد قائمخاني، جان علي لغاري، خادم چانڊيو، عرفان جکرو، نياز ملاح، شفاعت نوحاڻي، عرفان خان، قاضي شڪيل، عمير، سجاد زيدي، اعجاز مگسي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ھوڏانھن ايڇ يو جي، جي سڏ تي ايڇ يو جي دادو يونٽ پاران ايڇ يو جي جي مرڪزي نائب صدر ولي محمد لنڊ، ضلعي صدر گلڻ خان ڀنڊ، صابر ڀنڊ، نظام شيخ، ياسين راجا ڪوريجو، ايڇ يو جي ڄامشورو يونٽ پاران پريس ڪلب آڏو تنظيم جي ضلعي صدر قربان پنھور، اسماعيل باريجو، ڌڻي بخش باريجو، مجيد بلوچ، غلام حسين جتوئي، سرمد شورو، ايڇ يو جي ٽنڊو محمد خان يونٽ پاران رمضان شورو، غلام نبي ڪيريو، غلام قادر شورو، مظفر رند، اسلم سمون، ايڇ يو جي بدين يونٽ پاران تنظيم جي مرڪزي سينئر نائب صدر حاجي خالد محمود گھمن، لالا ھارون گوپانگ، شڪور ميمڻ، شفيع محمد جوڻيجو، ايڇ يو جي مٽياري يونٽ پاران ڀٽ شاھ پريس ڪلب آڏو تنظيم جي ضلعي صدر رجب بوزدار، علي قاسم، جمن چوھاڻ، امتياز علي ابڙو، ذيشان علي، مٽياري پريس ڪلب آڏو ايڇ يو جي، جي اڳواڻن بابو جي ايم خاصخيلي، ذوالفقار علي ميمڻ، وڪيل احمد ميمڻ، اوڏيرو لال اسٽيشن پريس ڪلب آڏو پريس ڪلب جي صدر عبدالغفور ھنڱورو، فضل بلوچ، سڪندر علي ساھوال، ميھڙ پريس ڪلب آڏو جاويد سومرو، عامر تيوڻو، احسان جانوري، ايڇ يو جي ضلعي ٺٽي يونٽ پاران تظيم جي ضلعي صدر خدا بخش بروھي، ٺٽو پريس ڪلب جي صدر اقبال جاکرو، اسماعيل ميمڻ، منصور جلالاڻي، رحمت الله ڇٽو، راجا تنوير خاصخيلي، ايڇ يو جي ٽنڊو الھيار يونٽ پاران تنظيم جي مرڪزي اڳواڻ غلام رسول نھڙيو، ضلعي صدر امان الله کوکر، حسرت لغاري، غلام رسول درس، شھريار ميمڻ جي اڳواڻي سميت ريجن جي سمورن ننڍن وڏن شھرن جي پريس ڪلبن آڏو قلم ڌڻين شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ھڪ ھفتي تائين بک ھڙتالي ڪئمپون قائم ڪري احتجاج جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي.