60

اسلام آباد: اعظم سواتي جي مبينا وڊيو جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي اهم وضاحت اچي وئي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جڊيشل ريسٽ هائوس ۾ اعظم سواتي جي ترسڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي پڌرائيءَ موجب جڊيشل ريسٽ هائوس ڪوئيٽا جو انتظام رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ وٽ آهي، جڊيشل ريسٽ هائوس ۾ رڳو موجوده ۽ رٽائرڊ جج رهي سگهن ٿا پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي سپريم ڪورٽ ريسٽ هائوس ڪوئيٽا ۾ ڪڏهن نه ترسيو، اسپيل برانچ بلوچستان موجب اعظم سواتي بلوچستان جڊيشل ڪامپليڪس ۾ رهيو آهي ۽ بلوچستان جڊيشل ڪامپليڪس سپريم ڪورٽ جي ڪنٽرول ۾ ناهي
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جڊيشل لاجز ڪوئيٽا ۾ اعتراض جوڳي وڊيو رڪارڊنگ جو الزام هنيو هوهوڏانهن وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) اعظم سواتي جي وڊيو جعلي قرار ڏني آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو