ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ڪچي جي مختلف علائقن جي دوري لاءِ پهچي ويو، جتي هن قائم پيڪٽن جو جائزو ورتو. خالد مصطفيٰ ڪورائي ڪچي جي دوري دوران اتي قائم ڪيل پڪٽن جو معائنو ڪيو جتي هن پوليس آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سرچ آپريشن بابت آفيسرن ۽ جوانن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ايس ايس پي شڪارپور ايس ايڇ اوز کي ڪچي ۾ ڦر ۽ ڌاڙن جي وارداتن کي روڪڻ ۽ امن و امان جي بحالي لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ مضبوط اپاءَ وٺڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سرچ آپريشن جو سلسلو جاري آهي، داخلي ۽ خارجي رستن تي به چيڪنگ جو عمل سخت ڪيو وڃي هن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن جي چوڌاري قائم پڪٽن تي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آھي، ڏوهارين جي چرپر تي ڪڙي نظر رکي رھيا آھيون، امن و امان کي خراب ڪرڻ وارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، انهن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ايس ايس پي شڪارپور سان دوري دوران ڊي آءِ بي انچارج شاهه جهان شاهه ۽ ايس ايڇ او رستم پڻ گڏ هو.