ڪنڌڪوٽ:سنئير صحافي عبدالغفار منگي جو پٽ سميت ٽي ڄڻا اغوا ھڪ مزاحمت تي پاڻ کي ڇڏائي ورتو ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا

تفصيل موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ھيبت روڊ وٽ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ٽن ڄڻن سنئير صحافي عبدالغفار منگي جو پٽ نصيب الله منگي معشوق منگي ء عادل منگي کي ھٿيارين جو زور تي اغوا ڪري ويا ھڪ ڄڻو عادل منگي مزاحمت ڪرڻ تي پاڻ کي ھٿياربندن کان ڇڏائي ورتو اھڙي واقعي جو اطلاع حد جي پوليس ء وارثن کي ڏنو ويو آهي پوليس ھٿياربندن جي پويان ويل آهي ھوڏانھن ڌاڙيل چنبي مان ڇڏايل عادل منگي چيو ته اسان ٽي ڄڻا معشوق منگي نصيب الله منگي سميت موٽرسائيڪل م سوار ھئاسين ته ھٿياربندن اسان کي روڪيو ء ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري کڻي وڃي رھيا ء مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن لٺين جو وسڪارو لاھي ڏنو سخت تشدد جو نشانو بڻايو اتان فرار ٿي آيس ء ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور روھيل احمد کوسو چيو ته اغوا واقعي جي جاچ ڪيون پيا ء پوليس پويان ويل آهي ء جلد بازياب ڪرائي ويندو