اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي پنهنجي گهر تي ڇاپي دوران ايف آءِ آي طرفان ضبط ڪيل سامان واپس ڪرڻ جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي کي ايف آءِ اي 13 آڪٽوبر جي رات اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو جنهن کان پوءِ عدالت کيس ضمانت تي آزاد ڪيو هو اعظم سواتي اسلام آباد جي سينئر سول جج محمد شبير جي عدالت ۾ 2 گڏيل درخواستون داخل ڪيون آهن جنهن ۾ ايف آءِ اي ۽ جاچ آفيسر کي ڌر بڻايو ويو آهي درخواستن ۾ سرچ ۽ گرفتاري وارنٽ جي نقل ۽ سامان واپس ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ طرف موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 13 آڪٽوبر جي رات منهنجي گهر مٿان ڇاپو هنيو ويو. ان موقعي تي ايف آءِ اي اهلڪار به گڏ هئا
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڇاپي دوران منهنجو موبائل فون، پاسپورٽ، ڊي وي ڊي ۽ سي ڊي پليئر کان علاوه منهنجي پوٽين، ٻين گهر ڀاتين ۽ گهريلو ملازمن جي استعمال هيٺ ڪمپيوٽر، يو ايس بي، موبائل ڪارڊز، موبائل فون ۽ پاسپورٽس سميت ٽوٽل 35 شيون قبضي ۾ ورتيون ويون آهن. عدالت کي درخواست آهي ته ايف آءِ اي کي گهر مان قبضي ۾ ورتل سموريون شيون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي
