ٺڪراٺو : ٻنهي جهانن جي سردار آقاء نامدار جي آمد جي خوشي ۾ عاشقان رسول پاران جهر جهنگ واهڻ وستي ۾ آقا جي آمد جي مهيني جي مناسبت سان ميلادالنبيﷺ جا پروگرام هلندڙ آهن ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ گهنور مهر ۾غوثيه جماعت ۽ عاشقان رسول وڏيرو علي ڏنو مهر منشي جيئل مهر ۽ لالا ممتا مهر پاران جشن عيد ميلادالنبيﷺ جي سلسلي ۾ هڪ پروقار پروگرام منعقدڪيو ويو ماھ ربيع الاول جو سموري مهيني ۾ ٻنهي جهانن جي سردار آقاء نامدار جي آمد جي خوشي ۾ عاشقان رسول پاران جهر جهنگ واهڻ وستي ۾ آقا جي آمد جي سلسلي ۾ جشن عيد ميلادالنبيﷺ جا پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا ميلادالنبيﷺ جي خوشي ۾ ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ گهنور مهر ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ اهلسنت و جماعت جي مشهور عالم دين ۽ سنڌ جي مشهور نعت خوانن شرڪت ڪئي پروگرام ۾ آيل مقررن مولوي علي اڪبر سڪندري ، حافظ شاهد حسين قادري ۽ ٻين سرڪار جي سيرت مبارڪ تي روشني وجهندي چيو ته هيء ڪل ڪائنات خداوند ڪريم خلقي ئي حضور پاڪ ﷺ جنجي طفيلي آهي ۽ انجي آمد جي خوشي ڪرڻ وارا خوشنصيب آهن درگاھ حق باهو جو گادي نشين سائين خالد سلطان جن پروگرام ۾ خصوصي شرڪت ڪري خطاب فرمايو پروگرام ۾ سنڌ جي مشهور نعت خوانن عبدالمجيد سلطاني ، شفيق احمد سلطاني نويداحمد ۽ ٻين حضور پاڪ ﷺجي شان ۾ نعتون پڙهي نظرانه عقيدت جا گل پيش ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا پروگرام ۾ آيل مهمانن ۽ سموري جماعت لاء لنگر جو پڻ خاص بندوبست ڪيو ويو هو پروگرام ۾ مختلف ڳوٺن مان سون جي تعداد ۾ آيل نبيء جا غلام هٿن ۾ ساوا جهنڊا کڻي مٿي تي دستارون ٻڌي يارسول الله ﷺ جا بيج هڻي پروگرام ۾ پهتا ۽ پروگرام ۾ هر طرف مرحبا يا مصطفیٰﷺ مرحبا يارسول الله ﷺ ۽ سرڪار جي آمد مرحبا جا نعرا گوجندا رهيا