عالمي بينڪ پاڪستان کي 50 هزار روپين ۽ ان کان گهٽ آمدني وارن تي به ٽيڪس لڳائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي عالمي بينڪ پاڪستان کي مشورو ڏنو آهي ته پرسنل انڪم ٽيڪس جو نظام آسان بڻايو وڃي. عالمي بينڪ موجب پنج لک روپيه ماهوار آمدني وارن تي 35 سيڪڙو شرح کان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو ۽ وفاقي حڪومت انهن شعبن تي خرچ نه ڪري جيڪي صوبن جي اختيار ۾ اچن ٿا عالمي بينڪ جو اهو به چوڻ آهي ته ستين قومي مالياتي ڪميشن جو ٻيهر جائزو وٺي وفاقي ۽ صوبائي اختيار ۾ فنانسنگ جو لائحه عمل طئي ڪيو وڃي. دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ ٽيڪس فري آمدني جي حد گهٽ ڪئي وڃي ان کان علاوه عالمي بينڪ پاڪستان کي مشورو ڏنو آهي ته پرسنل انڪم ٽيڪس جو اسٽرڪچر آسان بنايو وڃي، زرعي شعبي ۾ ساڍا 12 ايڪڙ زمينن جي مالڪن تي به ٽيڪس لڳايو وڃي عالمي بينڪ مناسب تياري ۽ جائزي کان سواءِ شروع ڪيل ترقياتي منصوبا ختم ڪرڻ جو پڻ مشورو ڏنو آهي.